شاهه زيب قتل ڪيس ۾ ڪراچي جي عدالت شاهه رخ جتوئي سميت نامزد ٽنهي جوابدارن جي ضمانت 5-5 لک رپين عيوض منظور ڪري ورتي آهي

Shahrukh-Jatoi-Case-131217

شاهه زيب قتل ڪيس ۾ ڪراچي جي عدالت شاهه رخ جتوئي سميت نامزد ٽنهي جوابدارن جي ضمانت 5-5 لک رپين عيوض منظور ڪري ورتي آهي، مقتول جي وارثن ۽ جوابدارن جي وارثن ۾ ٿيل صلح نامو اڄ عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو هو.

شاهه زيب قتل ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ وٽ مقتول شاهه زيب جي والد اورنگزيب، جوابدار ڌر سان ڪيل صلح نامو سان گڏ درخواست پيش ڪئي هئي.

عدالت، شاهه زيب جي والد جي درخواست کانپوءِ شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر سميت نامزد ٽنهي جوابدارن جي 5-5 لک رپين عيوض ضمانتون منظور ڪري ورتيون آهن.

شاهه زيب جي والد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس پٽ جي قتل کانپوءِ گهرن وارن جي مرضي سان جوابدارن جي وارثن سان صلح ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ قاتلن کي الله جي رضا خاطر معاف ڪيو هو.

اورنگزيب چيو ته جوابدار شاهه رخ سميت ٻين جي ضمانت منظور ڪرڻ تي کين ڪو به اعتراض نه هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*