فلپائن ۾ سامونڊي طوفان “وِنٽا” سبب 130 ڄڻا فوت ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن

philpine tofaan

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان “وِنٽا” سبب 130 ڄڻا فوت ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، طوفان وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ بعد ڏکڻ پالاوان واري علائقي ڏانهن وڌڻ لڳو.

 مندنائو ٻيٽ ۾ جمعي ڏينهن شروع ٿيل طوفان جي نيتجي ۾تبوڊ ۽ پياگپو جي  علائقن ۾ڪيترائي ڳوٺ مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته روز ندي به سامونڊي ويرن جي ور چڙهي وئي آهي.

امدادي ٽيمون متاثر شهرن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سرگرميون ڪري رهيون آهن.

ميڊيا موجب عملدارن پاران طوفان جي نتيجي ۾ وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان طوفان پالاوان طرف وڌي رهيو آهي.

نقصان کان بچڻ لاءِ رهواسين پاران محفوظ هنڌن طرف منتقل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*