اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين بابت فارمولو تيار ڪري ورتو، ڪميشن موجب ملڪ ۾ هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 79 هزار 869 هوندي

election

اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين بابت فارمولو تيار ڪري ورتو، ڪميشن موجب ملڪ ۾ هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 79 هزار 869 هوندي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪي پي ۾ تڪ اين اي هڪ کان 39 تائين هوندا، هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 82 هزار 650 تجويز ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب فاٽا ۾ تڪ اين اي 40 کان 50  ۽ اسلام آباد ۾ تڪ اين اي 52 کان اين اي 54 تائين تڪ هوندا، هر تڪ جي آبادي 6 لک 68 هزار 857 تجويز ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته پنجاب جا تڪ اين اي 55 کان 195 تائين هوندا، هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 80 هزار 230 جي تجويز ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ ۾ تڪ اين اي 196 کان 256 تائين هوندا،هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 85 هزار 17 تجويز ڪئي وئي آهي.

ڪميشن موجب بلوچستان ۾ تڪ اين اي 257 کان 272 تائين هوندا، هر تڪ جي سراسري آبادي 7 لک 71 هزار 525 تجويز ڪئي وئي آهي.

فارمولي جي حتمي منظوري الڪيشن ڪميشن جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*