بار ايسوسيئشن گهوٽڪي جي نئين چونڊجي آيل عهديدارن جي مان ۾ وڪيلن طرفان آجياڻو ڏنو ويو

ghotki bar assosiation

بار ايسوسيئشن گهوٽڪي جي نئين چونڊجي آيل عهديدارن جي مان ۾ وڪيلن طرفان آجياڻو ڏنو ويو.

 جنهن ۾ تقرير ڪندي بار جي صدر ايڊووڪيٽ وزير احمد گهوٽو،  غلام ياسين نائچ، سيد عبدالطيف شاهه، انور علي چاچڙ  ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي  ۾ قائم  تيل  گيس ڪمپنيون اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن پر مقامي ماڻهو بک ۽ بدحالي واري حياتي گهارڻ تي مجبور آهن.

ڪمپنيون اعليٰ عدليا طرفان ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي بابت ٻڌايل فيصلي تي به عمل نه پيون ڪن ۽ ان سلسلي ۾ وڪيل پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

 ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي طرفان مقامي ماڻهن کي تيل ۽ گيس ڪمپنين مان حق ڏيارڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*