پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 142 هون جنم ڏينهن اڄ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

quaid e azam

پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 142 هون جنم ڏينهن اڄ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ تقريبون به منعقد ڪيون ويون آهن.

قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ تقريبون رٿيون ويون آهن.

ڪراچي ۾ سندس مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي،پي ايم اي ڪاڪول جي ڪيڊٽس مزار تي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.

باني پاڪستان جي جنم ڏهاڙي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ تقريبون رٿيل آهن.

ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح اڄوڪي ڏينهن 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو، هن جي عظيم ڪوششن سان 14آگسٽ 1947ع تي پاڪستان آزاد ملڪ جي حيثت ۾ وجود ۾آيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*