سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي

christmis

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ  مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي،  ڪراچي لاهور، پشاور ، ڪوئيٽا سميت مختلف شهر جي گرجا گهرن ۾ دعائيه تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن.

امريڪا ۽ برطانيا سميت مختلف ملڪن ۾ سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي.

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت ملڪ ۾ مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.

پشاور، ڪوئيٽا ۽  فيصل آباد  سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري پاران گرجا گهرن ۾ ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعائيه تقريبون به منعقد ڪيون ويون آهن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مسيحي برادري پاران ڪرسمس ڏهاڙي جي موقعي تي تقريبون ڪوٺايون ويون آهن. جڏهن ته ٻارڙن پاران نوان ڪپڙا پهرين ڏهاڙو عقيدت سان ملهايو پيو وڃي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرجا گهرن جي سيڪيورٽي جا سخت انتظاميا ڪيا ويا آهن، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالي رهيا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*