وزيراعظم اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ محمد علي جناح لائبريري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

pm shahid khaqan

وزيراعظم اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ محمد علي جناح لائبريري جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حقيقي ترقي تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، معياري تعليم سان ئي اسان مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، قائداعظم جا اصول اختيار ڪيا وڃن ته پاڪستان ڪنهن کان پوئتي نه رهندو.

وزيراعظم اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ محمد علي جناح لائبريري جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وززيراعظم چيو ته قائداعظم وٽ فوج يا هٿيار نه هو، وٽس تعليم جي طاقت هئي، هُن پنهنجي ڏاهپ ۽ علم جي بنياد تي مسلمانن جي حقن جي جنگ وڙهي.

هن چيو ته ٻارڙن کي اهڙي تعليم ڏني وڃي ته جيئن هو ٻاهر نڪرن ته انهن وٽ صرف ڊگري نه پر تعليم به هجي.

وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي اصولن تي هلجي ته پاڪستان ڪنهن به ملڪ کان پوئتي نه رهندو.

هن چيو ته قائداعظم کي اسلاميه ڪاليج سان تمام گهڻي محبت هئي،

شاهد خاقان عباسي چيو ته حقيقي ترقي تعليمي ترقي جي بنا ممڪن نه آهي.

هن چيو ته تعليم بنا ترقي ممڪن نه آهي ۽ تعليم کان بهتر ڪا ٻي سيڙپڪاري نه آهي. اسان کي تعليم جي نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم چيو ته ڊگريون ورهائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، حڪومتي وسيلا استعمال ڪندي ٻارڙن کي بهتر تعليم ڏياريون. جيڪا صرف ڊگري نه هجي پر تعليم به هجي.

هن چيو ته قائداعظم جي اصولن، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي هلندي اسان کي ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو عزم ڪيوآهي، تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ڪميشن جو ڪرار اهم آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته پريشاني جي ڪا به ضرورت نه آهي، اوهان کي به جيڪي ضرورتون هونديون، اهي پوريون ڪيون وينديون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*