پ پ ۽ جي يو آءِ هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان،  الزام هنيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته آصف علي زرداري سان گڏجي هارس ٽريڊنگ روڪڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي.

اسلام آباد  مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته سينيٽ چونڊن دوران ڪنهن به پارٽي سان ڊيل ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي ڊيل کي برداشت ڪيو ويندو.

هن چيو ته آصف علي زرداري سان رڳو هارس ٽريدنگ روڪڻ لاءِ هڪ نقطي تي ئي ڳالهيون ٿيون هيون، ڪنهن به غير جمهوري عمل لاءِ ن ليگ يا پ پ جي حمايت نه ڪئي ويندي.

عمران خان چيو ته 22 هين ترميم سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ خاتمي جي ڪوشش آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت به هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ ئي شرڪت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي کي 22 هين آئيني ترميم حمايت ڪرڻ گهرجي ها.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته سندس پارٽي چونڊن جي شفافيت تي يقين رکي ٿي، جيڪو به هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث نڪتو ان جي نشاندهي ڪئي ويندي.

عمران خان الزام هنيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث آهن، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته آصف علي زرداري سان سينيٽ اليڪشن ۾ پئسي جي استعمال کي روڪڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ن ليگ به هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ سنجيدگي اختيار نه ڪئي، جڏهن ملڪ تي ڪو ڏکيو وقت ايندو آهي، ملڪ جو وزيراعظم سعودي عرب هليو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*