شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ٽي ٽي پي ۽ پرويز مشرف ملوث آهن، رحمان ملڪ

Rehman-Malik-261217

پ پ  جي مرڪزي اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ٽي ٽي پي ۽ پرويز مشرف ملوث آهن، کيس واپس ملڪ اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عالمي ليڊر هئي، سندس قتل بابت آخري حد تائين وينداسين.

رحمان ملڪ چيو ته شهيد بينظير جي قتل بابت جنهن به سازش ڪئي انهن جو پيڇو ڪيو ويندو.

هن چيو ته بينظير ڀٽو قتل ۾ ملوث اڪرام الله افغانستان ۾ آهي، افغانستان جي صدر غني اشرف کان مطالبو آهي ته دهشتگرد اڪرام الله کي گرفتار ڪري پاڪستان حوالي ڪرڻ گهرجي.

رحمان ملڪ چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت جي علامت هئي، جهموريت جي بحالي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي هئي.

رحمان ملڪ چيو ته ڀارت پاڪستان جو دشمن آهي ۽ رهندو،ڀارتي جاسوس کي ايتري عزت نه ڏيڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*