شهيد بينظير ڀٽو غريب عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني آهي, شيري رحمان

sherry-rehman-261217

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو غريب عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني آهي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته شهيد بينظي ڀٽو آمريڪا سان اک ۾ اک ملائي ڳالهيون ڪيون هيون، پ پ شهيدن جي جماعت آهي.

شيري رحمان چيو ته والاريل ڪشمير اسان لاءِ اهم آهي، سائيڊ لائين اختيار نه ڪبي.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو آخري وقت تائين عوام ۾ رهڻ تي يقين رکندي هئي، ملڪ ۾ ترقي جو بيان رڳو پ پ کان اچي رهيو آهي.

شيري رحمان چيو ته ملڪ ۾ استحڪام جي ضرورت آهي، حڪمران جماعت ملڪ کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عوام معاشي بدحالي ۾ جڪڙجي ويو آهي، پ پ ملڪ خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*