ٽائون ڪاميٽي فيض گنج جو سرڪاري عملو گاڏي سميت صفائي ڪرڻ بدران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي سياسي بينر هڻڻ ۾ مصروف، ميڊيا پاران فٽيجز وٺڻ تي عملو گاڏي سميت فرار ٿي ويو

Faiz-Ganj-Banner-ppp-261217

ٽائون ڪاميٽي فيض گنج جو سرڪاري عملو گاڏي سميت  صفائي ڪرڻ بدران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي سياسي بينر هڻڻ ۾ مصروف، ميڊيا پاران فٽيجز وٺڻ تي عملو گاڏي سميت فرار ٿي ويو.

ٽائون ڪاميٽي جو صفائي عملو سرڪاري گاڏي سميت مهراڻ نيشنل هاءِ تي ٻنهي ڪپرن جي پولن، توڙي دڪانن مٿان سياسي بينر هڻي رهيا هئا ته  صحافين پاران فوٽيج وٺڻ تان عملو گاڏي سميت فرار ٿي ويو.

جڏهن ته شهرين اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي دانهيو ته ماهانه ٽائون جي 70 لک کان مٿي بجيٽ  آهي، پر افسوس شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندن عوامي مفادن ۾ ڪم ڪرڻ بدران پنهنجن سياسي ڀوتارن کي خوش ڪرڻ ۾ پورا آهن.

هنن اپيل ڪئي ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي، شهر جي صفائي ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*