جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، ڪراچي ۾ استادن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ها،وڏي وزير مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-KNS-Talk-261217

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر  ڪنهن جو حق آهي، ڪراچي ۾ استادن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ها، سيوهڻ ائير پورٽ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پي پي خلاف چونڊن کان پهرين اتحاد ٺهي ويندا  آهن، ماضي ۾ به اهڙا اتحاد ٺهيا آهن، پر ان جو پ پ تي ڪو به فرق نه پوندوآهي.

ڪراچي ۾ استادن تي پوليس تشدد واري واقعي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، ڪراچي ۾ استادن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ها.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته  شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

 هن وڌيڪ چيو ته طاهر القادري جي تحريڪ جي حمايت بابت اڄ سي اي سي   ۾ لائحه  عمل جوڙيو ويندو.

وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته هماليا جي چوٽين تان ايندڙ صاف پاڻي کي گندو ڪري  سنڌ جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.

مراد علي شاهه چيو آهي ته استادن جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، سندن ڪانٽريڪٽ ۾واڌ ڪئي آهي، ٻيا مسئلا به جلد حل ڪنداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*