آسٽريلوي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڊيرن لهيمن چيو آهي ته اينڊر سال ايشز سيريز بعد هو ٽيم جي ڪوچنگ کان ڌار ٿي ويندي

Australia-cricket-coach-Darren-Lehmann-261217

آسٽريلوي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڊيرن لهيمن چيو آهي ته اينڊر سال ايشز سيريز بعد هو ٽيم جي ڪوچنگ کان ڌار ٿي ويندي.

ايشيز سيريز ۾ڪينگروز جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي انگلش ٽيم کي پنج ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيرن ليهمن جو چوڻ هو ته ٽيم ٽنهي شعبن ۾ بهترين پرفارمنس جومظاهرو ڪيو آهي،جنهن سبب سيريز ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

47 ورهين جي ڊيرن ليهمن چيو ته کيس خوشي آهي ته ٽيم تاريخي ايشز سيريز ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ هو ايندڙ سال انگلينڊ ۾ رٿيل ايشزسيريز بعد ٽيم جي ڪوچنگ واري عهدي کان ڌار ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*