ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان فاف ڊيو پليسي زمبابوري خلاف رٿيل چيئن ڏينهن تي ٻڌل ٽيسٽ ميچ ۾ انفيڪشن سبب شرڪت نه ڪري سگهندو

Viral-infection-leaves-du-Plessis--261217

ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان فاف ڊيو پليسي زمبابوري خلاف رٿيل چيئن ڏينهن تي ٻڌل ٽيسٽ ميچ ۾ انفيڪشن سبب شرڪت نه ڪري سگهندو.

ڏکڻ آفريڪا ۽زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ اڄ چئن ڏينهن تي ٻڌل ٽيسٽ ميچ کان پهرين ميزبان ٽيم جو ڪپتان فاف ڊيوپليسي وائرل انفيڪشن جو شڪار ٿي ويو آهي،جنهن سبب کيس بخار ٿي پيو آهي.

بخار سبب ميزبان ٽيم جو ڪپتان اڄ کان زمبابوي خلاف رٿيل ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جو حصو نه هوندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فاف ڊيو پليسي چيو ته هو گذريل هفتي کان مڪمل طور تي فٽ نه آهي ۽سندس علاج جاري آهي،جنهن سبب هو اڄ جي ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جو حصو نه آهي.

هن چيو ته هو پاڻ کي فٽ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي،جنهن سبب هو پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت رهيو آهي، جنهن جو مقصد فٽنس کي چيڪ ڪرڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*