نيوزيلينڊ جي ٽيم بهترين ٽيمن منجهان هڪ آهي ۽ميزبان ملڪ جون ڪنڊيشنز آسان نه هونديون, اظهر محمود

Azhar-Mahmood-261217

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم بهترين ٽيمن منجهان هڪ آهي ۽ميزبان ملڪ جون ڪنڊيشنز آسان نه هونديون ۽ ڪاميابي لاءِ پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.

قذافي اسٽِيڊيم لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي آلرائونڊر ۽ موجوده بالنگ ڪوچ چيو ته ٽيم ۾ شامل ڪيترائي نوجوان رانديگرن پهريون ڀيرو نيوزيلينڊ خلاف سندن سرزمين تي کيڏندا ۽ هو سيريز کي آسان نٿا سمجهن.

اظهر محمود چيو ته بالنگ هميشه پاڪستان جي مضبوط رهي آهي ۽ هن وقت سمورا بالرز فارم۾ آهن.

اظهر محمود چيوته کيس ٽيم جي بيٽسيمنن کي پڻ وڏي اميد آهي ته هو دوري ۾ بهتري ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندا.

هن چيو ته بالرز روٽيشن پاليسي سبب بالنگ لائن کي مضبوط ڪري رهيا آهن ۽وهاب رياض سٽسم کان ٻاهر نه ٿيو آهي، پر محمد حفيظ جو بالنگ نه ڪرڻ جو ٽيم کي نقصان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*