قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري مڊل آرڊربيٽسمين يونس خان چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي دوري ۾ پاڪستان کي ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي

Younis-Khan-261217

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري مڊل آرڊربيٽسمين يونس خان چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي دوري ۾ پاڪستان کي ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي.

يونس خان جو چوڻ آهي ته ٽيم چيمپيئنز ٽرافي بعد وننگ ٽريڪ تي آهي ۽ اهو سلسلو ڪيويزجي ديس ۾ به جاري رهندو.

يونس خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان محدود اوورس جي ڪرڪيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهي آهي ۽اميد آهي ته ٽيم نيوزيلينڊ جي سيريز ۾ ڪاميابي ماڻيندي.

نالي واري اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هوته دوري کي سخت امتحان يا چيلينج چئي ٽيم مٿان دٻاءِ نه وجهڻ گهرجي.

يونس خان چيو ته ٽيم ۾ شامل نوجوان رانديگرن جا حوصلا گهڻا بلند آهن ۽ ڪيوي دوري ۾ سمورن رانديگرن کي پاڻ ملهائڻ جو بهترين وقت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*