نيوزيليند جي ٽيم خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ ڪپتان سرفراز احمد جي نگراني هيٺ جاري آهي

PCB-LAHORE-CUMP-261217

نيوزيليند جي ٽيم خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ ڪپتان سرفراز احمد جي نگراني هيٺ جاري آهي.

قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ اڄ ٻئي ڏينهن به قذافي اسٽيڊيم لاهور م جاري آهي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي تريبتي ڪيمپ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي غيرموجودگي شروع ٿي ،جنهن ۾ شاداب خان،محمد حفيظ ۽ اظهرعلي کانسواءِ سمورن رانديگرن شرڪت ڪئي.

قومي ٽيم جو هيڊڪوچ مڪي آرٿر ۽ پرڏيهي اسٽاف ڪرسمس جون موڪلون گذارڻ لاءِ پنهنجي ملڪن ڏانهن ويل آهن، جنهن بعد ڪپتان سرفراز احمد هيڊڪوچ مڪي آرٿر جي ذميواري سنڀاليندي ٽيم کي پريڪٽس ڪرائي، جنهن جو ساٿ فاسٽ بالنگ ڪوچ اظهر محمود ڏنو.

اڄ ٻئي ڏينهن محمد حفيظ ۽ اظهر علي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ کي جوائن ڪيو آهي ۽تربيتي ڪيمپ ۾ سمورن رانديگرن جون ڌيارن فزيڪل فٽنس سان گڏ تيز وڪيٽن تي بيٽنگ ۽ بالنگ تي کتل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*