پاڪستان افغانستان ۾ امن جو حامي آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن جو حامي آهي، ڪابل ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير جانان زئي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ-افغان لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن جو حامي آهي.

وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف، پاڪ-افغان سڪيورٽي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي وئي آهي، اهم معاملن ۾ آرمي چيف جا دورا به مددگار ثابت ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*