ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ دڪان تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو مارجي ويو، 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ دڪان تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾  هڪ ٻارڙو مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

لياري جي مرزا آدم خان روڊ تي اڻڄاتل جوابدارن دڪان تي دستي بم سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو.

دستي بم حملي ۾ مارجي ويل ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن مان هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*