اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل نواز ليگ جي مشاورتي اجلاس ۾ عوامي رابطه مهم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي

Nawaz-Sharif-Meeting-61117

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل نواز ليگ جي مشاورتي اجلاس ۾ عوامي رابطه مهم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي صدر نوازشريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، مريم نواز،  پرويز رشيد، حنيف عباسي، دانيال عزيز، طلال چوڌري، مصدق ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن  شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نواز ليگ اڳواڻن پاران عوامي رابطه مهم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ اليڪشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

نوازشريف چيو ته هزاره موٽر وي جي تعمير منهنجو خواب هيو، جنهن جي الله تعاليٰ جي ڪرم سان تعبير ممڪن ٿي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*