قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته بينظير ڀٽو هميشه مفاهمت ۽ برداشت کان ڪم ورتو

Ayaz-Sadiq-191017

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته بينظير ڀٽو هميشه مفاهمت ۽ برداشت کان ڪم ورتو، هنءَ آمر ۽ ظالم خلاف ڄمي مقابلو ڪيو، سندس قومي سياست کي هميشه ياد رکيو ويندو، بينظير ڀٽو بي مثال بصيرت رکندڙ ۽ بهادر ليڊر هئي،

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته بينظير ڀٽو جو قتل پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ وڏو الميو ۽ ڪارو باب آهي.

هن چيو ته بينظير ڀٽو هميشه مفاهمت ۽ برداشت تي يقين رکندي هئي، هوءَ سياست کان مٿانهون ٿي جمهوريت ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکندي هئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي قومي سياست هميشه ياد رکي ويندي.

هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هڪ عظيم ليڊر ۽ پاڪستان جي سياست ۾ بي مثال سمجهه رکندڙ ليڊر هئي.

اياز صادق چيو ته محترمه بينظير ڀتو پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجي ذهانت، ڪوشش ۽ بهادري سان پنهنجي جاءِ ٺاهي، هوءَ هڪ بهادر ليڊر هئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هر آمر ۽ ظالم آڏو ڄمي مقابلو ڪيو.

سردار اياز چيو ته پاڪستان ۾ ڏتڙيل طبقي جي حمايت ۽ قومي هم آهنگي لاءِ بينظير ڀٽو جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*