وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ٽي ايس پاس استادن تي لٺبازي وارو عمل غلط هو، استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کڻي رهيا آهيون

Murad-Ali-Shah-Sindh-CM-8217

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ٽي ايس پاس استادن تي لٺبازي وارو عمل غلط هو، استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کڻي رهيا آهيون، استادن کي ايمانداري سان فرض ادا ڪرڻ گهرجن.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پي ايس پي کي سنجيده وٺندو ئي نه آهيان، پي ايس پي کي پهرين پنهنجي سڃاڻپ ته حاصل ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٽانگا پارٽي کي به جلسي ڪرڻ جي اجازت آهي، مون کي خوشي ٿي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي گڏ ٿي رهيون آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل جون ميچون ڪراچيءَ  ۾ ڪرائڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، سڪيورٽي جي حوالي سان مطمئن آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*