گهوٽڪي ۾ آبادگارن پاران جي ڊي ڊبليو 3 شگرمل انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ۾ آبادگارن پاران جي ڊي ڊبليو 3 شگرمل انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نجم  گهوٽي، رفيق ڪاسائي ۽ حافظ عبدالعزيز گهوٽي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته شگرمل انتظاميه آبادگارن کي ڪمند جا پئسا نه ڏئي رهي آهي.

 هنن چيو ته مل انتظاميه غيرقانوني طور ڪمند جي وزن ۾ ڪٽوتي ڪري آبادگارن جا هزارين ڪٽي رهي آهي.

 شگرمل انتظاميه جي هڪ عملدار آبادگارن سان ڳالهيون ڪري کين جلد پئسن جي ادائيگي ۽ غيرقانوني ڪٽوتي نه ڪرڻ بابت يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*