سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ سٺي ڳالهه آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس اسٽينڊنگ کي روڪڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ سينيٽ چونڊن لاءِ نوازليگ ميمبرن سان ڳالهيون جاري آهن.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار مهر چيو ته سڌ سماءَ واري کاتي جا ڪيس نيب ۾ موڪلڻ يا نه موڪلڻ بابت سنڌ سرڪار پاران جواب نه پيو ملي.

هن چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ نوازليگ ميمبرن سان ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ نوازليگ جي ڪجهه ميمبرن کي پارٽي قيادت سان خدشا آهن.

شهر يار مهر چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي قانون موجب ڪارروائي هلائڻ لاءِ پابند بڻائن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*