پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف آهي

Bilawal-PPP-21117

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف آهي، جنهن حالتن جو فائدو کڻندي سندس والده کي منظر تان هٽائڻ لاءِ سڪيورٽي هٽرائي، سندس والد کي بينظير جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ مظلوم کي ظالم قرار ڏيڻ جي برابر آهي.

بي بي سي کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والد کي بينظير جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ مظلوم کي ظالم قرار ڏيڻ جي برابر آهي، پرويز مشرف بينظير ڀٽو کي سڌي ڌمڪي ڏني ۽ چيو هو ته ان جي تحفظ جي ضمانت جو دارومدار مشرف سان سهڪار تي آهي.

هن چيو ته سندس ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف آهي، جنهن حالتن جو فائدو کڻندي سندس والده کي منظر تان هٽائڻ لاءِ سڪيورٽي هٽرائي.

هن چيو ته هو ان نوجوان ڇوڪري کي بينظير جو قاتل نٿو سمجهي، جنهن 27 ڊسمبر 2007عي شام راولپنڊي ۾ سندس والده تي حملو ڪيو هو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشرف حالتن جو فائدو وٺندي منهنجي امڙ کي قتل ڪرايو. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*