قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ماڊل ٽائون سانحي تي طاهر القادري سان گڏ آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ماڊل ٽائون سانحي تي طاهر القادري سان گڏ آهي، پيپلز پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.

نئين ديري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري سان پهريون ڀيرو گڏ نه پيا ويهون، اي پي سي کان اڳ آصف زرداري ۽ ڊاڪٽر طاهر قادري جي ملاقات ٿيندي.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان عوامي تحريڪ جي اي پي سي ۾ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*