وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هزاره موٽر وي منصوبو علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو

hazara motorway iftetah

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هزاره موٽر وي منصوبو علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو، جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي، نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪيون پوريون ڪري ڏيکاريون،

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هزاره موٽر وي جي برهان کان شاهه مقصود انٽرچينج جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هزاره موٽر وي منصوبو علائقي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو،

شاهد خاقان عباسي چيو ته هزاره موٽر وي سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي،

هن چيو ته نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪيون پوريون ڪري ڏيکاريون، 66سالن ۾ ايترا روڊ ناهن ٺهيا، جيڪي ن ليگ حڪومت ۾ ٺهيا،

وزيراعظم چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور جو هڪ منصوبو به ڏيکاري، اسان ڪيترن ئي منصوبن کي مڪمل ڪيو آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هزاره موٽر وي منصوبي سان پاڪستان جي هڪ ڪروڙ عوام کي فائدو ملندو، ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*