پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته جيالن وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻيءَ جو نظريو آهي ٻين پارٽين وٽ ڪو به نظريو يا عوامي ڀلائيءَ جو پروگرام نه آهي

nafeesa shah

پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته جيالن وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻيءَ جو نظريو آهي ٻين پارٽين وٽ ڪو به نظريو يا عوامي ڀلائيءَ جو پروگرام نه آهي.

خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته پيپلزپارٽي 50 سال پورا ڪرڻ بعد سنجيده جماعت ٿي اڀري آهي.

هن چيو ته ماڻهو مختلف پارٽين کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي غريب عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي رهندي.

 هن چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو دُنيا جي ليڊر هئي، جنهن کي ڪو به وساري نه ٿو سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*