نوابشاهه ۾ سوئي سندرن گئس ڪمپني جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

nawabshah sui gas mulazim protest

نوابشاهه ۾ سوئي سندرن گئس ڪمپني جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ملازمن ارباب عالماڻي، طارق سمون، عمر ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب نوابشاهه آڏو مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سنڌ بلوچستان جا چار هزار 6 سئو کان وڌيڪ ملازم ڪچا آهن ۽ انهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو جنهن جو فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو ويو آهي.

هنن چيو ته سوئي سندرن گيس ڪمپني جو ايم ڊي انتقامي ڪاروائين تي لهي آيو آهي ۽ اهو جبري برطرفيون ۽ بدليون ڪري رهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جائز مطالبا  ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*