شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي اعترافي وڊيو ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتي

شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي اعترافي وڊيو ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ جوابدار درگاهه حاجن شاهه ۾ ڌماڪي جي پلاننگ بابت ٻڌائيندي نظر اچي رهيو آهي.

سکر پوليس پاران درگاهه حاجن شاهه ماڙي ۾ جاچ دوران پيش ڪيل جوابدارن جي موبائل فون ذريعي رڪارڊ ڪيل اعترافي وڊيو ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتي آهي.

وڊيو ۾ جوابدار ٻڌايو ته هن سميت 2 ڄڻا 3 کان 4 ڪلو ڌماڪيدار مادو کڻي درگاهه حاجن شاهه ۾ داخل ٿيا، جنهن بعد ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس ذريعي ڌماڪو ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا.