شڪارپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور پاران مھان ڪوي شاعر شيخ اياز جي ويهين ورسي سلسلي ۾ اجرڪ ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي

shikarpur shaikh ayaz

شڪارپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور پاران مھان ڪوي شاعر شيخ اياز جي ويهين ورسي سلسلي ۾ اجرڪ ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾شاھه عبدالطيف يونيورسٽي ڪيمپس شڪارپور کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي شيخ اياز نالي سان منصوب ڪرڻ بابت قرارداد منظور ڪيون ويون.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شڪارپور ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس ۽ آرٽ ڪائونسل ٺهرائي اديبن حوالي ڪيون وڃن.

هنن چيو ته شڪارپور جي زمين خوش نصيب آھي جنھن شيخ اياز سميت ڪيترين ئي مھان ھستين کي جنم ڏنو آهي.

تقريب ۾ فياض لطيف، ڪامريڊ رحيم بخش جعفري، بيدل مسرور، سجاد مھر، رياضت ٻرڙو، حمير چانڊيو، نسيم بخاري، ممتاز منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*