ٺاروشاهه ۾ صحافي ۽ اديب اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو، ڪنهن به سندس ساهتا نه ڪئي

tharushah

ٺاروشاهه ۾ صحافي ۽ اديب اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو، ڪنهن به سندس ساهتا نه ڪئي.

درٻيلو ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن  شاهد سولنگي، بابو اسلم ميرجت ۽ ٻين شهر ۾ اديب اختر درٻيلائي کي ريڙهي تي کڻي علاج لاءِ چندو  گڏ ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جي بيحسي سبب هي قدم کنيو آهي.

هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر ثقافت کاتي پاران ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي، جنهن سبب اڄ مجبور ٿي هن جي علاج لاءِ شهر ۾ خيرات وٺي رهيا آهيون.

هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته شاعر اختر درٻيلائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*