گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان چيو آهي ته اسان وٽ 100 جي لڳ ڀڳ بينڪون آهن

cm gilgit

گلگت بلتستان جي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان چيو آهي ته اسان وٽ 100 جي لڳ ڀڳ بينڪون آهن، انڪم ٽيڪس تحت ڪٽوتي 2013ع ۾ شروع ٿي، گلگت بلتستان ۾ ٽيڪس سڌارا 2012ع تي لاڳو ڪيا ويا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ حفيظ الرحمان چيو ته اسان وٽ 100 جي لڳ ڀڳ بينڪون آهن، هي بينڪ منافعو پنهنجي رينج ۾ ڏيکارينديون هيون.

هن چيو ته اسان کي ڪڻڪ به سبسڊي تي ڏني پئي وڃي، ٽيڪس وٺڻ جو نظام واضع ڪيو ويو آهي پر ريٽرنز جو نظام ناهي جوڙيو ويو.

گلگت بلتستان جي وڏي وزير چيو ته وفاق اسان کي ساليانا 8 ارب رپين جي ڪڻڪ لاءِ سبسڊي ڏئي رهيو آهي،

حافظ حفيظ الرحمان چيو ته اسان هڪ سال اڳ ٽيڪس ريفارمز تي ڪم شروع ڪيو، ود هولڊ ٽيڪس به جي بي ڪائونسل ذريعي آندو ويو. …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*