اسلام آباد پوليس جنرل پرويز مشرف کي غازي رشيد قتل ڪيس ۾ بي ڏوهي هجڻ بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

ghazi-rasheed-case-210516

اسلام آباد پوليس جنرل پرويز مشرف کي غازي رشيد قتل ڪيس ۾ بي ڏوهي هجڻ بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، اسلام آباد جي مقامي عدالت گهرو  وزارت کي نوٽس جاري ڪندي ٻيهر جواب طلبي ورتو.

اسلام آباد پوليس غازي عبدالرشيد رشيد قتل ڪيس ۾ جنرل پرويز مشرف کي بي ڏوهي هجڻ بابت جواب داخل ڪرائي ڇڏيو،

جواب سيشن عدالت ۾ ايس ايس پي اسلام آباد ۽ ايس ايڇ او پاران آبپارا ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو،

جواب ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي خلاف جاچ ڪئي وئي، کيس ڪالم ٻه تحت بي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.

جواب چيو ويو آهي ته لال مسجد آپريشن قانون موجب هو، جيڪڏهن عدالت چاهي ته پرويز مشرف کي بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري سگهي ٿي،

ٻي طرف اسلام آباد جي مقامي عدالت گهرو  وزارت کي نوٽس جاري ڪندي ٻيهر جواب طلبي ورتو،

اسلام آباد جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*