واهي پانڌي ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي

wahi pandi awami tehreek

واهي پانڌي ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ  خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد  علامتي بک هڙتال ڪئي.

عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ ٻين شهرين غلام رسول لغاري، منظور لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد مين پل وٽ 2 ڪلاڪ بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب شهر انيڪ مسئلن جو شڪارٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون  فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*