عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ سونپور ۾ معصوم ٻارڙو واٽر ڪورس ۾ ڪري پوڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو

umerkot map

عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ سونپور ۾ معصوم ٻارڙو واٽر ڪورس ۾ ڪري پوڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو.

6 ورهين جو ٻارڙو نندلال ڀيل واٽر ڪورس ۾ ڪري پيو، جنهن کي وارثن  بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي سول اسپتال پهچايو، جتي هو فوت ٿي ويو.

وارثن لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو، سندن چوڻ هو سندن ٻارڙو ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ عملي جي لاپرواهي سبب تڙپي ٽڙپي فوت ٿي ويو .

ان موقعي تي ٻارڙي جي والد سانوڻ ڀيل، ڪانجي ڀيل، لالچند ڀيل ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*