گڏيل قومن پاران جانورن ۽ پکين جي نسلن کي بچائڻ لاءِ عالمي برادريءِ کي سهڪار جو زور ڀريو ويو

گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پکين، جانورن ۽ پاڻي واري مخلوق جي لاڏائو نَسُلن کي بچائڻ لاءِ ٿيل ڪنوينشن ۾ عالمي برداري تي وسيع تر سهڪار لاءِ زور ڀريو ويو آهي.

جهنگلي جيوت جي لاڏائو نسلن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جو يارهون ڪنوينشن ايڪواڊور جي شهر ڪيوٽو ۾ پڄاڻي تي پهتو.

پنج ڏينهن جاري رهندڙ ڪنوينشن ۾ 120 ملڪن جي 900 عيوضين شرڪت ڪئي.

ڪنوينشن جو بنيادي مقصد انهن جانورن جي تحفظ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ هو، جيڪي مختلف سببن جي ڪري هڪ کان ٻئي هنڌ لڏ پلاڻ ڪن ٿا.

ڪنوينشن جو هڪ ٻيو مقصد اهو به بيان ڪيو ويو هو ته لاڏائو نسل جي پکين، جانورن ۽ مڇين سميت ٻي آبي جيوت جي غير قانوني تجارت کي به روڪيو وڃي ته جيئن سندن نسل ڪشي جو سلسلو روڪي سگهجي.

پهريون ڀيرو هِن نوعيت جي ڪانفرنس يورپ کان ٻاهر منعقد ٿي، جنهن ۾ جانورن، پکين ۽ آبي جيوت جي 31 جنسن تي توجهه ڏني وئي، جنهن ۾ برفاني رڇ، ٻُلهڻ مڇي، شارڪ ۽ ٻيا پکي ۽ جانور شامل آهن.

ڪنوينشن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون به ڪيون ويون، جن جو مقصد خطري هيٺ لاڏائو نسل جي جانورن، پکين ۽ آبي جيوت کي بچائڻ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*