گمبٽ ۾ آبادگارن پاران ڪمند جو اگهه مناسب نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو

ghambat

گمبٽ ۾ آبادگارن پاران ڪمند جو اگهه مناسب نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.

جمال محمود کهڙو ۽ لال بخش سيال جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شگرمل مالڪ عدالتي حڪم تحت 172 روپيا اگهه نه ڏيڻ سان گڏ غيرقانوني ڪٽوتيون به ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته جيستائين آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 رويپا في مڻ ڏئي غيرقانوني ڪٽوتيون بند نه ڪيون وينديون، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*