سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون سال 2016 جي شروعات ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ سال 2016 جي شروعات ۽ پنجاب حڪومت هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.

 سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته هو مڪاني چونڊون ايندڙ سال 2016 جي شرعات ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن.

پنجاب حڪومت، پنهنجي خط ۾ هلندڙ سال 15 نومبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي.

ٻنهي صوبن خط ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين جو اختيار به اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوري طور تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي،اليڪشن ڪميشن پاران سڀاڻي مڪاني چونڊن لاءِ حتمي تاريخ ڏيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*