ميرپور ماٿيلي ويجهو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي

mirpur mathelo fire

ميرپور ماٿيلي ويجهو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ  سڙي فوت ٿي ويا، 6 ٻڪريون به سڙي مري ويون .

ڳوٺ نهال گبول ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڳوٺاڻي محمد حسن گبول جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي گهر کي وڪوڙي ورتو.

گهر ڌڻي محمد حسن گبول جو 5 ورهين جو پٽ شاهد ۽ ڌي ڏيڊ سال جي صفيه سڙي فوت ٿي ويا.

باهه ۾6 ٻڪريون سڙي مري ويون ۽ ٻيو الهو تلهو به رک ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*