گمبٽ ۾ آبادگارن پاران شوگرملون نه هلائڻ ۽ ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه نه ملڻ خلاف قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي

Gambat-27716

گمبٽ ۾ آبادگارن پاران شوگرملون نه هلائڻ ۽ ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه نه ملڻ خلاف قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻي ۾ پنجن آبادگارن پاران پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي ٻين آبادگارن کين پاڻ ساڙڻ کان بچائي ورتو.

آبادگارن ۽ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن جمال محمود کهڙو، لال بخش سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي اڄ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي سبب روڊ مسلسل بلاڪ آهي، مختلف شهرن کان ايندڙ ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي وڃڻ ڪري مسافر پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته شگرملز مالڪ عدالت پاران حڪم ڏيڻ باوجود 172 روپيا في مڻ ڪمند جو اگهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ غيرقانوني ڪٽوتيون پڻ ڪيون پيون وڃن.

آبادگارن چيو ته ڪمند جو مقرر اگهه 172 روپيا في مڻ ڏيڻ ۽ غيرقانوني ڪٽوتيون بند ڪرڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*