وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين سال جي شروعات پرامن ٿي آهي

murad ali shah

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين سال جي شروعات پرامن ٿي آهي، جنهن سان ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي.

وڏي وزير سال جو پهريون اجلاس اسپيشل اڪنامڪ زون بابت گهرائي نئين سال جي شروعات ڪئي، جنهن دوران صوبائي ڪابينا پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نئين سال جي موقعي تي سي ويو کولڻ تي واڌايون پڻ ڏنيون آهن.

انموقعي تي مراد علي شاهه چيو ته هو چاهي پيو ته سال جي شروعات وقت جي پابندي سان ۽ صنعتي ۽ زرعي ترقي واري معاملن سان ڪري.

وڏي وزير چيو ته نئين سال جي شروعات پرامن ٿيڻ تي هاڻي ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*