عمرڪوٽ ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس لٺيون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

umerkot map

عمرڪوٽ  ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس لٺيون هڻي  زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتوآهي.

ڳوٺ وھرو شريف ۾ جوابدار لٺين جا ڌڪ هڻي پنههنجي زال 25 ورهين جي شريمتي سورھان اوڏ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

عمرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي عورت جي مڙس نيئر چند اوڏ ۽ الزام هيٺ آيل نوجوان ڌنو اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*