چمن ۾ هڪٻئي پويان ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

chaman

چمن ۾ هڪٻئي پويان ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بلوچستان ۾ لاڳيتو ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ صوبي ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ميڊيا موجب مال روڊ تي ٺهندڙ عمارت ۾ رکيل بجري جي هيٺان ڌماڪي خيز مواد لڪائي رکيو ويو، جنهن جي ڦاٽڻ سان ڌماڪو ٿيو، پوليس اهلڪارن جي پهچڻ تي ٻيو ڌماڪو ٿيو.

 پوليس موجب زخمين ۾ هڪ ايف سي، 2 پوليس اهلڪار ۽ 4 شهري شامل آهن.

  اطلاع تي پوليس، ايف سي ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.

 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي پئي.

پوليس جو چوڻ هو ته ڌماڪو رمورٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو.

ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ ايف سي علائقي کي گهيري ورتو ۽ ڀرپاسي ۾ آپريشن شروع ڪيو.

ٻئي طرف آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چمن ۾ ٿيل ڌماڪن کانپوءِ صوبي ۾ سڪيورٽي سخت ڪري سنيپ چيڪنگ ۾ اضافي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*