دادو ۾ اغوا ڪيس جي جوابدارن جي آزادي خلاف ڳوٺ جمعون ڏيپر جي رهواسڻ پنهنجي معصوم ٻار سميت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي

dadu orat sarern koshish

دادو ۾ اغوا ڪيس جي جوابدارن جي آزادي خلاف ڳوٺ جمعون ڏيپر جي رهواسڻ پنهنجي معصوم ٻار سميت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوليس بچائي کيس  پاڻ سان گڏ وٺي وئي.

ڳوٺ جمعو ڏيپر جي رهواسڻ شھربانو سولنگي پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاج ڪندي پنهنجي معصوم ٻار سميت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

 جنهن دوران دادو پوليس موقعي تي پهچي عورت کي ساڙڻ کان روڪي پاڻ سان گڏ وٺي وئي.

پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪندڙعورت  شھربانو جو چوڻ آھي ته رفيق سولنگي کيس اغوا ڪيو، 8 سال ناحق بند رکي لڄالٽ ڪندو رهيو،جنهن جي ڪيس کي پوليس نيڪال ڪري جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيوآهي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس مڙس عبدالغفور پڻ کيس قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري هو در بدر آهي.

 هن مطالبو ڪيو ته اغوا ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*