مدئجي خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

madeji-map

مدئجي خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ حسن خروس ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ مسمات آمنا خروس، غلام شبير، شفيع محمد، نيڪ محمد ۽ اميد علي خروس زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي نيڪ محمد خروس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي برادري جا ڪجهه ماڻهن 10 جريب زمين تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين ٿا، روڪڻ تان جهيڙو ڪيو آهي.

هن چيو ته اسان کي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*