ڪوٽڙي جي اليڪشن ٽربيونل اين اي 218 تي مخدوم امين فهيم جي ڪاميابي خلاف فنڪشنل ليگ اميدوار جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪوٽڙي جي اليڪشن ٽربيونل اين اي 218 تي پ پ ايم اين اي  مخدوم امين فهيم جي ڪاميابي خلاف فنڪشنل ليگ اميدوار جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

فنڪنشل ليگ جي هارايل اميدوار عبدالرزاق ميمڻ پاران اين اي 218 تي  مخدووم امين فهيم جي ڪاميابي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

 درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو ته  آهي ته اين اي 218 تي وڏي ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ڪجهه پولنگس تي  غلط ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا هئا.

اليڪشن ٽربيونل فنڪشنل ليگ اميدوار پاران داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻي  نه جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*