عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شريف ڀائر سڄو عرب گهمي اچن پر اين آر او نه ٿيندو

shaikh rasheed rawal pindi

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شريف ڀائر سڄو عرب گهمي اچن پر اين آر او نه ٿيندو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي اسان کي استعيفيٰ ڏئي رستن تي نڪرڻ گهرجي.

هن ٻڌايو ته حديبيه ۽ ايل اين جي ڪيس هنن طرفان لطيف کوسو مفت  وڙهڻ جو وعدو ڪيو آهي.

شريف ڀائرن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته شريف ڀائر ڀلي سڄو عرب ۽ وچ اوڀر گهمي اچن پر اين آر او نه ٿيندو، هن چيو ته ڪلهه کان هن مهل تائين هنن جي درخواست ڪنگ عبدالله قبول نه ڪئي آهي.

شيخ رشيد پاڪستان عوامي تحريڪ جي اي پي سي کي ڪامياب قرار ڏنو ۽ چيو ته وقت اچي ويو آهي اسان کي استعيفيٰ ڏئي رستن تي نڪرڻ گهرجي، چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻو پوندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*