نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي

pakistan team practice

نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي،جنهن بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽بالنگ ۾ پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششون ڪيون.

پاڪستان ۽نيوزيلينڊجي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 6 تاريخ تي رٿيل آهي،جنهن کان پهرين قومي ٽيم نيوزيلينڊ اليون جي ٽيم خلاف 3تاريخ تي پريڪٽس ميچ ۾ شرڪت ڪندي.

قومي ٽيم جو ڪپتان ۽ رانديگر ميزبان ٽِيم خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ گهڻا پراميد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*