پاڪستان انڊر نائيٽين جي ٽيم يوٿ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾آسٽريليا جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 49رنز تان شڪست ڏئي سال جي پڄاڻي واري ڏينهن تي قوم کي سٺي خبر ڏني

pak u19 match

پاڪستان انڊر نائيٽين جي ٽيم يوٿ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾آسٽريليا جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 49رنز تان شڪست ڏئي سال جي پڄاڻي واري ڏينهن تي قوم کي سٺي خبر ڏني.

آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ کيڏي ويل سيريز جي آخري ميچ ۾ اڳوڻُو ڪپتان وسيم اڪرم ٽيم جي رانديگرن جي حوصلاافزائي ڪرڻ لاءِ ٽيم سان گڏ هو.

پاڪستان انڊر نائنٽين جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره اوروس ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 309رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ اوپنر زيد عالم 128رنز جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته علي زرياب 56رنز جي اننگ کيڏي.

جواب آسٽريلوي ٽيم سٺي شروعات ڪئي ۽ اوپنر هيڪني پاڪستاني بالرز جو بهتر انداز سان مقابلو ڪيو، پر ميزبان ٽيم جا ٻيا سندس ساٿ نه ڏئي سگهيا، هيڪني 109رنز جي اننگ کيڏي ۽ مقرره اوورس ۾ آسٽريليا انڊر نائيٽين جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 260رنز اسڪورڪري سگهي.

پاڪستاني ٽيم پاران سليمان شفقت 3۽ شاهين آفريدي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

واضح رهي ته پاڪستان جي ٽيم ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز ٻڙي جي ڀيٽ۾ ٻن ميچز تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*